(The Scholar Vol.1, Issue 1, Jul-15 to Dec-15, Pg. 107-121)

ڏهين صديءَ جو علمي ۽ ادبي جائزو

An Intellectual and Literary Review of 10th Century A.D.

ڊاڪٽر عبدالله کوسو*

خيرالنساء**

ABSTRACT:

The foreign invaders have come to occupy Sindh always time to time. There is no instance in the history that any one belonging to Sindh soil has invaded on any country of the world. Many religions and cultures erupted on the other soil, and flourished on the soil of Sindh. The people of this soil have shown their hospitality, generously and respects for all the human being but in return they have got atrocity, brutality and unkind response from these foreign invaders. The people of Sindh have got their Sufi nature. The 10th century of Hijra was the country of foreign invaders who occupied Sindh made the Sindh in the chains of slavery and detritus. The mind, thoughts, education, culture and history of Sindh. The 10th year of Hijra proved be the worse. And full of ups and downs of the history of Sindh.

KEYWORDS:

علمي جائزو، مخدوم ھاشم ٺٺوي، سنڌ جا رهاڪو ، ٻاهر کان آيل

مخدوم جعفر جي هڪ تحرير مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پنهنجي ڪتاب “بياض هاشمي” ۾ آندي آهي ته:“رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن پنهنجن اصحابين کي سنڌ وارن ڏانهن هڪ خط موڪليو. جڏهن اهي سنڌ جي هڪ شهر “نيرون ڪوٽ” هاڻوڪي حيدرآباد سنڌ ۾ خط کڻي پهتا ته اتي ڪن ماڻهن اسلام آندو ۽ پوءِ ٻه صحابي سڳورا سنڌي ميزبانن کي ساڻ ڪري موٽي ويا ۽ ٽي اصحاب سڳورا هتي سنڌ ۾ رهي پيا. ڪيترن ئي سنڌين اسلام آندو. صحابي سڳورا سندس پڇا تي اسلام سيکاريندا رهيا ۽ اتي نيرون ڪوٽ ۾ وفات ڪري ويا. انهن جو قبرون به اتي ئي آهن. (1)

ان روايت ۾ اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ اسلام جو پيغام محمد بن قاسم کان گھڻو اڳ خود رسول الله صلي الله عليھ وسلّم جن جي دور مبارڪ ۾ پهچي چڪو هو. ان جي روايت اگرچه ڪانه ملي، پر انجي تائيد تاريخ ۽ رجال جي ٻين ڪتابن مان ٿئي ٿي جن ورق گردانيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪيترائي صحابه ڪرام هتي سنڌ ۾ آيا آهن، جن مان ڪافي هت دفن ٿيل آهن.مشهور مؤرخ قاضي اطهر مبارڪ پوري جي تحقيق مطابق اهڙن 17 صحابين جا نالا مليا آهن، جيڪي سنڌ ۾ آيا آهن جيڪي هي آهن:

  1. عثمان بن ابي العاص الثقفي رضي الله عنه (ت 51 هجري)(2)حڪم بن ابي العاص الثقفي رضي الله عنه (وفات بعد از 45 هجري)(3)حضرت ربيع بن زياد حارثي رضي الله عنه (ت 53 هجري)(4)حضرت حڪم بن عمرو ثعلبي رضي الله عنه (ت 50 هجري)(5)حضرت صحار بن عباس عبدي رضي الله عنه (ت 40 هجري)(6)حضرت عبدالله بن عمير اشجعي رضي الله عنه (7)حضرت عبيدالله بن معمر تميمي رضي الله عنه (ت 29 هجري)(8)حضرت مشاجع بن مسعود سلمي رضي الله عنه (ت 36 هجري)(9)حضرت عبدالرحمان بن سمره قرشي رضي الله عنه (ت 12 هجري)(10)حضرت سنان بن سلمھ هذلي رضي الله عنه (11)حضرت سهيل بن عدي انصاري رضي الله عنه(12)حضرت عاصم بن عمرو تميمي رضي الله عنه (ت بعد - از15 هجري)(13)حضرت عبدالله بن عبدالله بن عتبان انصاري رضي الله عنه(13)حضرت مغيره بن ابي العاص ثقفي رضي اللهعنه (14)حضرت منذر بن الجارود عبدي (ت 62 هجري)(15)حضرت عمر بن عثمان بن سعد رضي الله عنه (16)حضرت خِرّيت بن راشد سامي رضي الله عنه (ت 39 هجري) (2)

حافظ ابن ڪثير، پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب “البداية والنهاية” ۾ محمد بن قاسم جي فتوحا ت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:رضي الله عنه

و قبل ذلڪ قد کان الصحابة في زمن عمر و عثمان فتحوا غالب هذه النواحي و دخلوا في مبانيها، بعد هذه الاقاليم الڪبار مثل الشام و مصر والعراق واليمن واوائل بلاد الترڪ ودخلوا الي ماوراء النهر واوائل بلاد المغرب واوائل بلاد الهند. (3)

[۽ انهيءَ کان اڳ ۾ اصحاب ڪرام، حضرت عمر ۽ حضرت عثمان رضي الله عنه جي دور خلافت ۾ شام، مصر، عراق، يمن، ترڪمانستان جي علائقن فتح ڪرڻ کان اڳ ۾ (هند ۽ سنڌ جي) اڪثر علائقن کي فتح ڪيو هو ۽ ماوراء النهر، مغرب ۽ هندستان جي اوائلي علائقن ۾ وڃي پهتا.]محمد بن قاسم ثقفي جڏهن 91 هجري ۾ سنڌ فتح ڪئي ته هت باقاعده ديني درسگاهون جڙي ويون، جن ۾ قال الله ۽ قال الرسول صلي الله عليھ وسلّم جون صدائون بلند ٿيڻ لڳيون. ڪيترا ٻاهريان علم جا اڃارا، پنهنجي علمي اڃ اجھائڻ لاءِ سنڌ ۾ اچڻ لڳا، ته ڪي سنڌ جا رهاڪو طالب العلم، عربستان وڃي ڪري حديث، فقه ۽ ادب حاصل ڪرڻ لڳا.ڪيترن ئي ٻاهرين عالمن، سنڌ جي سرزمين ۾ جڏهن پير پاتو، سنڌين جو قرب ۽ مهمان نوازي ڏٺي، پيار ۽ پاٻوهه پسيو، ته هو هت ئي رهي پيا ۽ سنڌ کي پنهنجو وطن سمجھهي علم و ادب جي خدمت ڪرڻ لڳا. سنڌ جي مردم خيز خطي ۾ اها صلاحيت منڍ کان ئي موجود آهي ته ٻاهران ايندڙ ماڻهن کي پنهنجي ثقافت ۾ جذب ڪري ڇڏيندي آهي. اُهي شخص پنهنجون رسمون ۽ رواج وساري، سنڌ جي تهذيب ۽ ڪلچر کي سيني سان لائي، صفا سنڌي بڻجي ويندا آهن.

اهڙن ماڻهن ۾ خاندانن جا خاندان شامل آهن. مثلاََ: سادات، عباسي، پنهور ۽ ٿهيم وغيره. مخدوم بوبڪائي جا وڏا به اهڙي ريت عربستان کان حلب ۽ حلب کان ٿيندا سنڌ ۾ پهتا ۽ بوبڪن جا اچي وڻ وسايائون. (4)چوٿين صدي هجري تائين، جيستائين سنڌ تي عربن جي حڪومت رهي، سنڌ جي عالمن جا تذڪرا تاريخي ڪتابن جي زينت بڻيل آهن. ان کان پوءِ ناممڪن آهي ته سنڌ جي سرزمين اهڙن عالمن، محدثن، مفسرن، مؤرخن، نحوين، صوفين ۽ منطقين جي وجود کان بلڪل خالي ٿي وئي هجي، ضرور اهڙيون عظيم شخصيتون هن ڌرتي تي موجود هونديون، پر افسوس جو سواءِ چند عالمن ۽ اديبن جي اڪثر سنڌي علماء جي تذڪرن کان تاريخ جا ورق خاموش آهن. اها سنڌي قوم جي بيحسي چئجي يا ان کي ڪسر نفسي سان تعبير ڪجي، ڇوته اسان اڄ به سنڌي عالمن جي مخطوطات کي جڏهن مطالعو ڪندا آهيون ته گھڻو ڪري ڪتابن جي مصنف جو نالو نظر نه ايندو ۽ جيڪڏهن هوندو ته تاريخ لکيل ڪانه هوندي آهي.قاضي اطهر مبارڪ پوريءَ جنهن مختلف وکريل ورقن مان، تاريخ ۽ تذڪره جي ڪتابن مان، ماکيءَ جي مک وانگر، سنڌ ۽ هند جي علماء جا تذڪرا نچوڙي “رجال السند والهند” ۾ جمع ڪيا، پر اهي به صرف ستين صدي هجري تائين. باقي جي حالت بابت تمام گھٽ ٿو ملي.اها ڏهين صدي، هجري ئي ته هئي ، جنهن ۾ هڪ پاسي هالن اندر مخدوم نوح رحمة الله عليھ جن فيض پئي ڏنو ته ٻئي طرف بوبڪن ۾ مخدوم ميران ۽ ان جي وفات کان پوءِ سندس لائق فرزند مخدوم جعفر بوبڪائي، علم جا ونڊ پئي ورهايا. ٽلٽيء جي مخدوم بلاول محدث جي شهادت کان پوءِ سندس علمي تحريڪ جو فيض يافته قاضي ڏتو سيوهاڻي، سيوهڻ ۾ علم ۽ ادب جي دونهين دکايو ويٺو هو، جتي وقت جو بادشاهه به سندس آڏو گوڏا کوڙي، علم حاصل ڪرڻ کي پنهنجي لاءِ فخر پئي سمجھيو. ٻئي طرف هنڱورجن ۾ هاڪارو عالم دين مخدوم محمد عباس پاٽائي، علمي فيض پئي پرٽيو ته راهوٽ (ٺٽو) ۾ علام صدرالدين راهوٽي ۽ سندس خلف رشيد ضياءالدين راهوٽي ۽ درٻيلي ۾ مخدوم عثمان درٻيليءَ ۽ سندس لائق فرزند مخدوم عبداللطيفدرٻيليءَ، تعليمي رهبري پئي ڪئي.ڏهين صدي هجري، سنڌ وارن جي لاءِ جيتوڻيڪ سياسي ۽ سماجي ڏڦيڙ، ڌارين جي ڏاڍ ۽ جبر جو نياپو کڻي آئي، ڄام نظام الدين سمون عرف ڄام نندو جو عدل ۽ امن وارو دور 914 هجري ۾ پڄاڻيءَ کي پهتو، سنڏ تي ارغونن ۽ ترخانن جو تسلط ٿي ويو. سنڌي ماڻهو، ظلم ۽ ڏاڍ جي چڪيءَ ۾ پيڙجڻ لڳا، بدامني عام ٿي وئي، ڦرلٽ جي بازار گرم ٿي وئي، ڌارين سنڌ کي جاگيرن ۾ ورهائي کنيو، وطن جا اصل رهواسي ڏسندي رهجي ويا ۽ ملڪ ۾ ڏڪر ۽ ڪال ڪاهي پيو.

پر عجب آهي ته اها ئي صدي سنڌ وارن لاءِ علم و ادب جي باري ۾ سون جي کاڻ وانگر ذخيرو ثابت ٿي. اگرچه ڪيترا سنڌي خاندان، انهن تشويشناڪ ۽ پريشان ڪن حالات ۽ معاشي بدحالي کي ڏسي ڪري، سنڌ کان عربستان، گجرات ۽ هندوستان لڏي ويا ۽ پنهنجا علمي جوهر اتي وڃي ڏيکاريا ۽ پنهنجي فن جو ڌاڪو ڄمايو، پر ڪيترا علماء باوجود ظلم ۽ قهري ڪارواين جي سنڌ اندر رهي پيا ۽ پنهنجي علم سان سنڌ جي آبياري ڪندا رهيا. مدرسن اندر درس جا حلقا قائم رهيا، جن ۾ قبضو ڪندڙ قوم جي اڳواڻن به علم حاصل ڪيو، وري سون تي سهاڳو هي ٿيو جو، هرات ۾ شاهه حسين بايقراي جھڙي علم پرور بادشاهه جي وفات ۽ ايران ۾ شاهه اسماعيل جي تسلط سبب پيدا ٿيل بدامنيءَ جي ڪري ۽ ڪجھه مذهبي اختلافن ڪري اتان جا علماء، سنڌ کي امن جو گهوارو سمجھي ڪري، (ڇوته هت سنڌ ۾ به سندن ئي ڀائي بندا مغل، ارغون حڪمران اچي بڻيا هئا) خاندانن جا خاندان لڏي اچي سنڌ ۾ رهيا. بکر، ٺٽي، ڳاهن، اچ ۽ ٻين شهرن ۾ ديني درسگاهه قائم ڪري، پنهنجي علم مان هتان جي رهواسين کي فيضياب ڪندا رهيا ته ڪي وري سنڌ اندر اڳ ئي قائم ٿيل درسگاهن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لڳا.محمد بن ابي الحسن محمد البڪري (متوفي 993 هجري)، علي بن حسام الدين متقي برهانپوري، (متوفي 975 هجري)، امام مدينه شيخ عبدالقادر، علامه محمد بن طاهر پٽني (986 هجري)، جھڙن جڳ مشهور علمي ستارن وٽان فيض پرائي، سنڌ ۾ موٽي پنهنجي پيءُ جي پڳ اچي سنڀاليائين ۽ درس و تدريس، وعظ و تبليغ، علم و عرفان، معرفت و طريقت سان گڏ، تصنيف و تاليف ۾ اهي اهم ڪارناما سر انجام ڏنا، جن جي وصف ۽ ڪمال جي اظهار لاءِ دفتر درڪار آهن. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته علماء سڳورا ڪنهن هڪ علم ۾ يا وڌ ۾ وڌ ٽن علمن ۾ مهارت رکندا آهن، ٻيا علوم کين سطحي طور حاصل هوندا آهن، پر مخدوم جعفر گھڻ رخو عالم، اديب ۽ وقت جو ڏاهو هو، جيڪو هڪ ئي وقت تفسير، حديث، فقه، اصول فقه، تصوف، عقائد، اصول تعليم، صرف، نحو، منطق، عروض، قافيه، بيان، بديع، معاني، نجوم، حڪمت، رمل ۽ جعفر جو پڻ وڏو ڄاڻو هو ۽ انهن ڪمن ۾ مهارت رکندو هو. مخدوم جعفر بوبڪائي، انهن علمن مان نه صرف وٽس ايندڙ طالبائن ۽ عالمن کي فيضياب ڪندو رهيو، بلڪ انهن علمن ۽ فنن اندر لازوال تصنيفون جوڙي ڪتاب تيار ڪري اسان جھڙن 400 سالن بعد ۾ ايندڙ، سنڌ واسين بلڪه دنيا واسين کي به فيض پهچائي ويو.

ڏهين صدي جو سياسي پس منظر

ڏهين صدي ، سنڌ لاءِ ڌارين جي تسلط، زور زبردستي جي صدي هئي، جنهن ڪري ٻن اڍائي صدين تائين سنڌ غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل رهي، پراون جي غير شريفانه سلوڪ ڪري سنڌي عوام جي ذهن، فڪر، حوصلن ۽ همت کي وڏو نقصان رسايو. ٻاهرين ماڻهن جي آمد تي، سنڌ جو امن تباهه ٿيو.

البته علمي ۽ ادبي اعتبار سان ڏهين صدي بخت واري ثابت ٿي. ان صديءَ کان اڳ جون علمي ڪاوشون بلڪل نه ٿيون ملن، جيتوڻيڪ ڪيترا سنڌي عالم سڳورا، ڏڦيڙ ۽ بدامني ڪري هتان لڏي گجرات، هندوستان ۽ عربستان هليا ويا، پر هت رهي پيل عالمن، علمي ميدان ۾ ڌارين جو مقابلو ڪيو ۽ علمي جواهر پارا ورثي ۾ ڇڏي ويا. ان سان گڏ ٻاهريان عالم به هت آيا ۽ علم جي پالوٽ ڪرڻ لڳا، جنهن سان علمي ۽ ادبي ڪمن جي وڌيڪ ترقي ٿي.

انهيءَ صديءَ جي ابتداء ۾ محمد مهدي جونپوري سنڌ ۾ آيو ، مهدوي تحريڪ جو زور پڪڙيو، پر بلالي تحريڪ کيس سامهون آئي، جيتوڻيڪ ڪجھه عالم مهدوي تحريڪ کان متاثر ٿيا، پر محمد جونپوري مجبور ٿي سنڌ ڇڏي ويو. هوڏانهن سهروردي ۽ شطاري طريقي ترقي ورتي.ڏهين صدي جي سنڌ جي سياسي تاريخي صورتحال بابت آخر ۾ “محاصل” طور سنڌ جي عظيم مؤرخ سيد حسام الدين راشدي جو لکيل ٽڪرو هت نقل ڪرڻ مناسب لڳي ٿو، جيڪو هن مير محمد بکري جي حالات بيان ڪندي لکيو آهي، پاڻ لکي ٿو: ڏهين صدي هجري، سنڌ لاءِ ڌارين جي تسلط زور زبردستيءَ ۽ تمام ڏچي جي صدي هئي، جنهن بعد اڍائي سؤ ورهين تائين سنڌ غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي ڪانه سگھي ۽ انهن اڍائي صدين جي مايوسيءَ ۽ پروان جي غير شريفانه سلوڪ، سنڌي عوام جي ذهن، فڪر، حوصلن ۽ همت کي ايترو ته ڇيهو رسايو، جنهن جا اثرات اڄ تائين مختلف صورتن ۾ سندن مزاج ۽ طبيعت تي اثر انداز رهندا اچن ٿا.

ارغونن جي استبدادي حڪومت، ترخانن جي زور زبردستي، ميرزا باقي ترخان ۽ محمود بکريءَ جي ظالمانه گرفت، ازانسواءِ خراسان مان لاتعداد مفرور اميرن، صاحب اختيار ۽ اقتدار پناهگيرن جي آمد، سنڌ جھڙي ننڍڙي، امن پسند ۽ ماٺيڻي سڀاءَ واري ملڪ لاءِ، در حقيقت هڪ عذاب، قهر ۽ خدائي ڪوپ هو، جيڪو هتان جي گھرو جھڳڙن جي نتيجي ۾، قدرت طرفان سزار طور نازل ٿيو، جنهن جو نتيجو اجتماعي خواه انفرادي طرح سموريءَ سنڌ کي ڀوڳڻو پيو. ملڪ جا سڀئي قلعا، وسنديءَ وارا واهڻ ۽ وستيون، مال، ملڪيتون، مطلب ته سڄو ارڪو ترڪو ڌارين جي قبضي ۾ اچي ويو، جن جي نه ٻولي سمجھه ۾ ٿي آئي ۽ نه سندن اٿڻ ويهڻ، چال چلت ۽ رهڻي ڪهڻيءَ مان هتان جي ماڻهن کي ڄاڻ ۽ سڃاڻ هئي. هندي مغلن جي قبضي جون حالتون ڏسندي اسان جي قومي شاعر شاهه لطيف، جيڪو هڪ صدي پوءِ هيٺين چند بيتن ۾ فرمايو، سو حقيقت ۾ انهيءَ سڄي صورتحال جو مجمل تفسير چئي سگھي ٿو، جيڪو ارغونن کان وٺي سندن جانشين هندي مغلن جي تسلط تائين سنڌ اندر وهيو ۽ واپريو هو.

پَيم پٺاڻن سين، ٻولي جي نَه ٻُجھن
آءٌ سنڌيءَ جو سَعيو ڪريان، هو پارسيون پُڇن
مون پڻ مُلاتن، سَرتيون سُور پرائيو.
                                                 ***

برو فازان بات جنهين جي، ٿانگو رَوان ٿيشي

ڏين پارسيون پاڻ ۾، ايزا بليشي

ليڙا رات لطيف چئي، نيائون نَيشي

پنهون پرويشي ڪَجِ پيادَن پنڌ ۾.

***

برو، بگيرد، بام بليخا، مون نه پروڙي مامَ

ٿو دئي، ٿو مان، خستگان ڇُليي ڇپر لامَ

اَچي پئي تنهين سامَ، دُراه،! دُراه! ڪن جي.

هيٺين بيت ۾ شاهه صاحب انهن پارسي واڻن جي ڪيل ويڌن جو بيان ڪيو آهي:

برو بگيرد جي، ٿا ڏين پارسيون پاڻ ۾

مون لوڏان ئي لِکيا، ته هاڃيون ڪندا هي

ماريندا مون کي، پنهون نيندا پاڻ سين.

        انهن ”برو بگيرد وارن“ ٻهراڙيءَ جون زمينون، جن تي سنڌ جي غريب عوام جي گذر بسر جو دارومدار هو، ناني ويڙهو ٺاهي، پاڻ ورهائي کنيون، ڪن جي نالي تي جاگيرون ٿيون، ڪن خالصن جي صورت ۾ ورتيون، ڪن وظيفي ۽ چراغيءَ جو نالو ڏئي قبضي ڪيون. ملڪ جي اصل مالڪن کي نظر انداز ڪري سڀئي اعلى عهدا به پاڻ ۾ ورهائي ورتائون. گويا سنڌ جي قسمت ۽ ثروت جون واڳون مڪمل طرح انهن ٻاهرين جي هٿن ۾ اچي ويون ۽ سنڌين ويٺي فقط قدرت جو تماشو ڏٺو ۽ پنهنجي بدبختيءَ تي روئڻو ٿي رنو. (5)

ڏهين صدي هجري (16 هين صدي عيسوي) جي سياسي ۽ تاريخي صورتحال جو اجمالي نقشو

هجري ميلادي واقعات
912هه 1506ع شاهه بيگ طرفان سندس ڀاءُ سلطان محمد جو سنڌ تي حملو ڪرڻ ۽ سندس موت ۽ شڪست.
914هه 1508ع ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو، واليءَ سنڌ جي وفات
918هه 1512ع بابر بادشاهه جي قنڌار تي پهرئين چڙهائي ۽ اوچتو بيمار ٿي پوڻ ۽ صلح ڪري واپس ورڻ.
920هه 1513ع شاهه بيگ جي ماڻهن جو سنڌ تي حملو ۽ ڦرلٽ.
921هه 1515ع بابر بادشاهه جي قنڌار تي ٻي ڪاهه ڪرڻ ۽ صلح ڪري واپس ڪابل ورڻ.
922هه 1516ع بابر بادشاهه جو قنڌار تي ٽيون حملو ۽ قلعي جو گھيراءُ. مرزا شاهه بيگ جو قنڌار تان هميشه لاءِ دستبردار ٿيڻ ۽ شال ۽ سيوي بلوچستان هٿ ڪرڻ.
924هه 1518ع مدينه ماڇياڻي (فيروز ڄام جي والده) جي دعوت تي (ٻي روايت موجب مير قاسم ڪيبڪيءَ جي هرکائڻ تي) شاهه بيگ جي سنڌ مٿان ڪاهه ڪرڻ جي تياري.
هجري ميلادي واقعات
927هه 1520ع شاهه بيگ جي ٺٽي تي ڪاهه، ڄام فيروز طرفان دولهه دريا خان جو شاهه بيگ کي بهادريءَ سان سامهون ٿيڻ ۽ شهيد ٿيڻ، ڄام جي شڪست، شاهه بيگ جي فتح، ٽلٽيءَ جي جنگ، شاهه بيگ جي سوڀ، مخدوم بلاول وارن جي شڪست، ڄام فيروز طرفان آڻ مڃڻ ۽ ٻيهر ٺٽي جي بادشاهي ماڻڻ ۽ سنڌ جي ٻن حصن ۾ تقسيم، ڄام صلاح الدين جو ٺٽي تي حملو ۽ شاهه بيگ طرفان ڄام فيروز جي مدد ۽ صلاح الدين جو قتل ۽ شڪست.

928هه
1521ع شاهه بيگ جي وفات ۽ مرزا شاهه حسن جي تاجپوشي.

930هه
1523ع ارغونن سان ڄام فيروز جو آخري مقابلو، ڄام جي شڪست ۽ ارغونن جي سڄي سنڌ تي قبضو. ڄام فيروز جو گجرات ڏانهن ڀاڄ ۽ سمن جي حڪومت جو خاتمو ۽ مخدوم جعفر بوبڪائي جي پيدائش.
931هه 1524ع مرزا شاهه حسن جي، ملتان فتح ڪرڻ جي ارادي سان، بکر مان روانگي. اُچ شهر تي قبضو، ڏراور جي فتح ۽ آخر ملتان جي قلعي وٽ پهچڻ ۽ ملتان جي حڪمران محمود لانگاهه سان جنگ ۽ محمود بادشاهه جي وفات ۽ سندس پٽ سلطان حسين شاهه جي تخت نشيني.
932هه 1525ع ملتان جي سلطان حسين شاهه جي هار ۽ شاهه حسن ارغون جي جيت، ملتان شهر ۾ لٽ مار ۽ آخر ۾ صلحنامو.
932هه 1926ع بابر بادشاهه جو ابراهيم لوڌيءَ کي پاڻيپٽ جي ميدان ۾ شڪست ڏيئي دهلي ۽ آگرو فتح ڪري، هندوستان ۾ مغليه سلطنت جو پايو وجھڻ.
933هه 1527ع شاهه حسن مرزا جو ملتان تي ٻيهر حملو، قتل عام ۽ ڦرلٽ. خواجه شمس الدين کي گونر مقرر ڪري واپس بکر اچڻ ۽ ملتان نذرانه طور بابر کي پيش ڪرڻ. مرزا شاهه حسن جو اوچتو ٺٽي ۾ اچڻ. کنگھار کي شڪست ۽ شاهه حسن جي ٺٽي واپسي.
937هه 1530ع ظهيرالدين بابرجي وفات، نصيرالدين همايون جي تخت نشيني، پنجاب صوبو سندس ڀاءُ ڪامران جي حوالي ٿيڻ.
942هه 1535ع مرزا شاهه حسن جو شير شاهه سوريءَ کان شڪست کائي سنڌ ۾ اچڻ.

هجري
ميلادي واقعات
947هه 1540ع همايون بادشاهه جي سيوهڻ تي چڙهائي ۽ پسپائي. همايون بادشاهه پنهنجي ڀاءُ جي وزير شيخ علي اڪبر جي نياڻي حميده بانو سان شادي ڪرڻ.
949هه 1542ع همايون بادشاهه جو جوڌپور ۽ جيسلمير ڏانهن روانو ٿيڻ. اتان وري عمرڪوٽ اچڻ، اڪبر (بادشاهه) جو ڄمڻ. مخدوم جعفر جي والد، مخدوم ميران جي وفات ____ همايون ۽ شاهه حسن ارغون جي فوجن جون چڪريون. بٺوري جي جنگ ۾ همايون جي فوج جي شڪست ۽ همايون جو سنڌ کان نراس ٿيڻ.
950هه 1543ع همايون ۽ شاهه حسن جو صلح. همايون جو سنڌ کي ڇڏڻ ۽ قنڌار روانو ٿيڻ ۽ ارغونن جو خوش ٿيڻ.
950هه 1543ع بخشو لانگاهه ملتانيءَ جو بکر جي قلعي تي حملو ۽ پسپائي.
960هه 1552ع مرزا شاهه حسن جو فالج ۾ مبتلا ٿيڻ ۽ ٺٽي جي اربابي عربي ڳاهي جي حوالي ۽ رعيت جي ٻي سار سنڀال اسماعيل بٺاريءَ جي حوالي ڪرڻ
961هه 1553ع مرزا حسن ارغون جو بکر وڃڻ.
962هه 1554ع ٺٽي جي ارغونن ۽ ترخانن جو مرزا عيسى ترخان کي بادشاهه بڻائڻ ۽ مرزا حسن ارغون کان ڦري وڃڻ ۽ سلطان محمود بکريءَ جو شاهه حسن ارغون طرفان، مرزا عيسى سان ٽڪرجڻ، وري صلح ڪرڻ ۽ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي حڪومت ڪرڻ جو ٺاهه. مرزا شاهه حسن ارغون جي وفات ۽ ٺٽي تي مرزا عيسى خان ترخان جي تخت نشيني.
963هه 1555ع مرزا عيسى جي بکر تي ڪاهه، پويان ٺٽي شهر جو پورچوگيزن هٿان لٽجڻ ۽ ساڙجڻ ۽ مرزا عيسى جو پوئتي موٽڻ. سلطان محمود جو پويان ڪاهي اچڻ، وري صلح ٿيڻ.
967هه 1559ع مرزا عيسى جي پٽن مرزا محمد باقي ۽ مرزا محمد صالح جو پاڻ ۾ جنگ ڪرڻ ۽ مرزا باقي جو بچي وڃڻ.
970هه 1562ع مرزا محمد صالح جو هڪ بلوچ هٿان قتل ٿيڻ ۽ مرزا باقي جو پيءُ وٽ اچڻ.
هجري ميلادي واقعات
974هه 1566ع مرزا عيسى ترخان جي وفات ۽ مرزا محمد باقي جو تخت تي ويهڻ ۽ ظلمن جي باهه ٻاري ڏيڻ.
980هه 1571ع سلطان محمود بکري جي قلعي ماٿيلي تي اڪبر بادشاهه جي جرنيلن جي چڙهائي ۽ فتح ۽ سنڌ ۾ مغليه سلطنت جو بنياد.
980هه 1571ع سلطان محمود بکري جي نياڻي جو اڪبر بادشاهه جي عقد نڪاح ۾ اچڻ.
982هه 1573ع سلطان محمود بکري جي وفات، بکر جي علائقي تي گيسو خان جي گورنري.
993هه 1584ع ظالم حڪمران مرزا محمد باقي جو پاڻ کي پيٽ ۾ خنجر هڻي آپگھات ڪرڻ، سندس ارڙهن ساله اقتدار جو خاتمو ۽ مرزا جاني بيگ جو تخت تي ويهڻ.
994هه 1585ع اڪبر بادشاهه طرفان مرزا جاني بيگ ڏانهن اطاعت لاءِ خط ۽ نواب صادق محمد کي وڏو لشڪر ڏيئي سنڌ تي چاڙهي موڪلڻ ۽ نواب صادق محمد جي شڪست.
999هه 1590ع اڪبر بادشاهه طرفان نواب خان خانان کي سنڌ مٿا چاڙهي موڪلڻ ۽ جاني بيگ جي ان سان سخت لڙائي.
1000هه 1591ع مرزا جاني بيگ ۽ نواب خان خانان جو صلح ۽ سڄي سنڌ جو اڪبر بادشاهه جي سلطنت ۾ شامل ٿيڻ ۽ ارغونن ۽ ترخانن جي مستقل اقتدار جو خاتمو. (6)

ڏهين صدي هجري جو علمي ۽ ادبي جائزو

سنڌ سڳوري لاءِ علمي ۽ ادبي اعتبار سان، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين صدي هجري نهايت بخت واريون صديون ثابت ٿيون. 10 صدي هجري کان اڳ سنڌي عالمن جي ڪنهن به خاطر خواه (دل گُهري) علمي ڪاوش جو پتو نه ٿو پوي يا ته تاريخ جي ڪتابن اهڙي ادبي خدمتن کي، اسان کان اوجھل رکيو آهي. پر معلوم ائين ٿئي ٿو ته اٺين ۽ نائين صدي، سنڌ لاءِ علمي ۽ ادبي لانحطاط جو دور ثابت ٿيون، ورنه ڪو ته ڪارنامو قلمي صورت ۾ ضرور محفوظ ٿي ڪري اسان تائين پهچي ها، يا ان جو نالو ئي ٻڌڻ يا پڙهڻ ۾ اچي ها، جيئن ڏهن صدي جون تصنيفات، ڇاپي يا قلمي صورت ۾ اڃ به موجود آهن يا اهڙين ڪاوشن جي ڄاڻ، تاريخ ۽ ادب جي ڪتابن ۾ ملي ٿي.

جيتوڻيڪ ڏهين صدي، سنڌ لاءِ انتشار، ڏڦيڙ ۽ بدامني جو پيغام کڻي آئي، سنڌ ڌارين جي حملن جي آماجگاهه بڻي، شهر، واهڻ ۽ وستيون ويران ٿيڻ لڳيون، جن جو نقشو مٿي چٽي چڪا آهيون. ان هوندي به سنڌ اهل علم جو مرڪز رهي. اهڙي نفسانفسي جي دور ۾ سنڌ وارن علم جا آثار باقي رکيا، پر جيئن ته ارغون ۽ ترخان غير ملڪي حڪمران هئا ۽ فارسي زبان سندن مادري ۽ علمي زبان هئي. انهيءَ ڪري انهن فارسي ۽ ادب جي سرپرستي ڪئي. سنڌي زبان جي نه سرڪاري سرپرستي ٿي ۽ نه علمي محفلن ۾ ئي ان کي ايتري جاءِ ملي. البت فارسي ۽ عربي جي سٺي خدمت ٿي.

ڏهين صديءَ ۾ سنڌ جي عالمن کي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. هڪڙا اُهي جيڪي ٻاهران لڏي آيا ۽ سنڌ کي اچي وطن بنايو. ٻيا اُهي جيڪي اڳ ۾ ئي سنڌ ۾ موجود هئا ۽ باوجود انتشار ۽ ڏڦيڙ جي اِتي ئي رهيا. ٽيا اُهي جيڪي سنڌ جي ناسازگار حالات کي سامهون رکندي هتان لڏي ٻاهر هليا ويا.

ٻاهر کان آيل علماء

  1. ميرڪ عبدالوهاب پوراني(ت 973 هجري)
  2. مولانا عبدالعزيز هروي(ت 973 هجري)(7)
  3. مولانا اثيرالدين بن عبدالعزيز هروي (ت 973 هجري)
  4. علامه جلاالدين دواني (8)(ت 973 هجري)
  5. سلطان محمد فخري هروي(ت 908 هجري)
  6. شاهه قطب الدين(ت 978 هجري)
  7. قاض محمد اچوي (9)(ت 977 هجري)
  8. مولانا مصلح الدين لاري(ت 979 هجري)
  9. علامه يونس سمرقندي(ت 951 هجري)
  10. شاهه جهانگير هاشمي(ت 946 هجري)
  11. مولانا عبدالخالق گيلاني
  12. مولانا قاسم ديوان(ت 977 هجري)
  13. مير محمد معصوم بکري (8)(ت 1014 هجري)

اصل سنڌ جا رهاڪو

هيٺيان علماءِ ڪرام آهن، جن، سنڌ ۾ ئي رهي علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون.

  1. مخدوم بلاول ٽلٽيءَ وارو (10)(ت 929 هجري)
  2. قاضي ڏتو سيوهاڻي (11)
  3. مخدوم رڪن الدين “متو” (ت 949 هجري) هن بزرگ جون ٻه تصنيفات نالي: شرح اربعين نوويه ۽ شرح خلاصه ڪيدائي سندس يادگار آهن.
  4. مخدوم ميران بوبڪائي (12)(ت 949 هجري)
  5. مخدوم محمد عثمان درٻيلي (13)(ت 1002 هجري)
  6. مخدوم عبداللطيف درٻيلي(ت 1024 هجري)
  7. مخدوم محمد جان درٻيلي
  8. مخدوم عبدالملڪ درٻيلي(ت 1057 هجري)
  9. مخدوم سعيد درٻيلي
  10. مخدوم نوح هالائي(ت 998 هجري)
  11. قاضي قاضن بکري (14)(ت 958 هجري)
  12. مخدوم عباس هنگورجائي(ت 998 هجري)
  13. مولانا ضياءُ الدين راهوٽي (15)
  14. مخدوم صدرالدين راهوٽي (15) ۽ ٻيا علماء

عربستان ڏانهن هجرت ڪري ويل علماء

 
   

 

مخدوم قاضي عبدالله بن ابراهيم درٻيلي

شيخ رحمة الله بن عبدالله درٻيلي                                     (ت 993 هجري)

شيخ حميد بن عبدالله درٻيلي                                          (ت 1009 هجري)

شيخ صالح بن عبدالله درٻيلي                                                          (16)

شيخ عبدالله متقي بن سعد الله درٻيلي                           (ت 984 هجري)

علامه علي بن جلال الدين بن علي ٺٽوي                        (ت971 هجري)

گجرات ڏانهن هجرت ڪري ويندڙ سنڌي علماء

  1. شيخ طاهر بن يوسف پاٽائي (17)(ت 1004 هجري)
  2. مسيح الاولياء حضرت شيخ عيسى بن قاسم (18) (ت 1031 هجري)
  3. مخدوم عثمان بن عيسى بوبڪائي (18)(ت 1008 هجري)
  4. قاضي عبدالسلام سنڌي (18)
  5. مولانا طيب سنڌي ٺٽوي (ت 990 هجري)

هندوستان ڏانهن هجرت ڪري ويندڙ ڪجھه سنڌي عالم

  1. ملا مبارڪ بن خضر ناگوري (19)(ت 1001 هجري)
  2. شيخ ابوالفيض فيضي (19)(ت 1004 هجري)
  3. شيخ ابو الفضل سيوهاڻي (19)(ت 1011 هجري)
  4. شيخ عبدالله ٺٽوي وغيره. (ت 991 هجري)
    1. 5.ڏهين صديءَ هجريءَ جي عالمن جو علمي ۽ ادبي ورثو
  5. (اجمالي نقشو)

مخدوم رڪن الدين ”متوِ“ (949 هجري): هن بزرگ جون ٻه عدد تصنيفون سندس يادگار آهن. 1. شرح الاربعين النوويه (حديث) ۽ 2. شرح خلاصه ڪيداني (فقهه).

مخدوم ميران بوبڪائي: سنڌ جو وڏو عالم هو سندس پٽ مخدوم محمد جعفر سندس تصنيفات تمام گھڻيون آهن، جن ۾ تفسير، حديث، عقائد، تصوف، اصل تعليم، صرف، نحو، فقهه، معاني، حاشيه يفسير بيضاوي، شرح صحيح بخاري، منهاج العمال منتخب ڪنزالعمال، عجالة الطالبين، المتانة في المرمة عن الخزانة، الحجة القوية في جواب الرسالة الحلفيه، قرنه في حڪم الحلف بالمرنھ والپرنھ، التنميق في توقيت المرءة في التطليق، البيان المبرم في قول السنود “ڇڏي او ڇڏيم”، کمية الواقع، استفتاء في ما تعارف قوم تعليق الطلاق، البصارة في العمل بالاشارة، فتح الدارين، معاقد العقائد المعروف بھ المڪالمات، الاشارات شرح المڪالمات، اقل و اعدل ڪلمات، ڪشف الحق، ارشاد الصادقين، نهج التعلم (عربي)، حاصل النهج، بنية البيان ۽ بيان البنيه.

شاهه بيگ ارغون: شرح الڪافيه، حواشي شرح المطالع، شرالشريفية علي السراجي.

سيد جھانگير هاشمي: مثنوي مظهر الآثار بجواب تحفة الاحرار، تصوف ۾ سندس شاهڪار تصنيف آهي ۽ سندس هڪ شاعريءَ جو ديوان به يادگار آهي.

سلطان محمد فخري بن محمد امير هروي: هفت ڪشور (فارسي)، لطائف نامه، فارسي موضوع تذڪره، تحفة الحبيب، فارسي شاعري روضة السلاطين، صنائع الحسن، جواهر العجائب، ديوان فخري.

شيخ علي بن جلال ٺٽوي: سندس هڪ ڪتاب آداب المريدين، تصوف جي موضوع تي يادگار ڪتاب آهي.

                شيخ ميرڪ عبدالوهاب پوراني: سندس فتوى جو بياض “مجموعه فتاوى پوراني” فقهه جي موضوع جو ڪتاب، سندس يادگار آهي.

شيخ مصلح الدين لاري سنڌي: شرح شمائل الترمذي، تعليقات علي تفسير البيضاوي، شرح المنطق، رساله في بحث تمام المشترڪ، رساله في بحث القدرة والارادة، رسالھ في بحث الحرڪة، رسالھ في تحقيق المبدء والمعاد، شرح تهذيب المنطق.

شيخ طيب سنڌي: هن بزرگ جو هڪ ئي ڪتاب “تعليقات علي مشڪوة المصابيح” مشڪات المصابيح جي شرح ۾ يادگار آهي.

                علامه عبدالله ٺٽوي سلطانپوري: ڪشف الغمھ، منهاج الدين، عصمة الانبياء، شرح العقيدة الحافظيه، رسالة في تفضيل العقل علي العلم، حاشيه شرح جامي.

علامه رحمة الله درٻيلي: المنسڪ الصغير، المنسڪ المتوسط، المنسڪ الڪبير، تلخيص تنزية الشريعة عن الاحاديث الموضوعة، رساله في الاقتداء بالشافعية عربي، غاية التحقيق و نهاية الدقيق.

مخدوم نوح بن نعمة الله هالائي: سندس هڪ يادگار سڀني تي ڀاري آهي، برصغير جو پهريون قرآن جو فارسي ترجمو.

ملا احمد بن نصرالله ٺٽوي: تاريخ اَلفي 8 جلد فارسي، خلاصة الحياة، رساله در اخلاق، جوامع الڪلم.

ملا مبارڪ بن خضر سنڌي ناگوري: هن جو به هڪ ڪتاب “منبع العلوم” يادگار آهي.

شيخ طاهر بن يوسف: تفسير مجمع بحار الانوار، مختصر قوت القلوب، منتخب مواهب لدنيه، ملتقط جمع الجوامع، موجز شرح القسطلاني علي صحيح البخاري، مختصر تفسير المدارڪ، اسامي رجال صحيح البخاري، رياض الصالحين.

علامه ابوالفضل فيضي: ديوان قصائد، مثنوي ”مرڪز ادوارِ“.

حوالا:

  1. اها تحرير “بياض هاشمي” ۽ “بياض محمد يامين” (ٻئي قاسميه لائبريري ڪنڊيارو) ۽ “منتخب بياض هاشمي” (درگاهه اله آباد ڪنڊيارو) ۾ موجود آهي. ۽ اها روايت، علامه غلام مصطفى قاسميءَ وٽ موجود “بياض هاشمي” جي جلد 4 ورق 82 ۾ پڻ موجود آهي.
  2. قاضي اطهر مبارڪ پوري، مقاله “سنڌ ۽ هند ۾ علم حديث ۽ محدثين”. ڪتاب سنڌ باب الاسلام، تنظيم فڪر و نظر سکر، 1985ع (اردو حصو) ص 4، 5، 6.
  3. حافظ ابن ڪثير، “البداية والنهاية” جلد نمبر 9 مڪتبة المعارف بيروت طبع ثالث 1978ع،ص 88.
  4. مخدوم جعفر بوبڪائي، “قرنه في حکم، مرنه” خطي، پنجاب يونيورسٽي لاهور.
  5. سيد حسام الدين راشدي، ڪتاب “مير محمد معصوم بکري”، سنڌي ادبي بورڊ، 1979ع، ص 63 ۽ 64.
  6. ڊاڪٽر عبدالله کوسو، مقدم مخدوم جعفر بوبڪائي سوانح حيات خدمات ص 40، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2012ع (مقدمه جو خلاصو).
  7. ڊاڪٽر عبدالله کوسو، مقاله، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
  8. مخدوم امير احمد (ترجمو) تاريخ معصومي، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1965ع.
  9. مخدوم جعفر بوبڪائي، البيان المبوم، قلمي موجود، پنجاب يونيورسٽي لاهور.
  10. مير علي شير قانع، مقالات الشعراء، ص 91، طبع اول، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي 1957ع.
  11. دين محمد وفائي، تذڪره مشاهير سنڌ، ج1، ص 66، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1985ع.
  12. مخدوم عثمان درٻيلوي، شجره مخدومان درٻيله، قلمي موجود، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو.
  13. شجره مخدومان دربيل، ص 25 _ 30.
  14. عوني مانڊوي تذڪره ابرار ترجمه اردو گلزار فائونڊيشن لاهور 1395ع.
  15. مخدوم جعفر بوبڪائي، البيان المبوم، قلمي موجود، پنجاب يونيورسٽي لاهور.
  16. مطيع الله راشد، برهان پور ڪي سنڌي اولياء، ص 205، سنڌي ادبي بورڊ 1987ع.
  17. علامه موثوي مانڊوي، تذڪره ابرار اردو اسلامڪ فائونڊيشن لاهور، ص 375 سن غير موجود.
  18. مطيع الله راشد، برهان پور ڪي سنڌي اولياء، ص 205، سنڌي ادبي بورڊ 1987ع.
  19. فتح محمد سيوهاڻي ابو الفضل ۽ فيض، ص 14، سنڌ تحقيقي بورڊ 1957ع.

 


* پرنسپالگورنمينٽ بلديه ڪاليج ڪراچي   برقي پتو: abkhoso98@hotmail.com

** پي ايڇ ڊي ريسرچ اسڪالر ،سنڌ يونيوسٽي، برقي پتو: khairunnisa84@gmail.com

QUICK LINKS

15

WEB LINKS

THE SCHOLAR

Contact: +92-222-2730459

Email: infosiarj@gmail.com